دوڪاندار نينگر جي ويهڪ جي جاءِ ۾ مرچ وجهي ڇڏيا

شهدادڪوٽ(عبدالله مستوئي)  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ رتودیرو روڊ جي دُڪاندار هرديپ ڪمار چوريءَ جي الزام ۾ مبينا طور نينگر کي ويهڪ واري جاءِ ۾ مِرچ وجهي ڇڏيا. نينگر شاهزيب ولد علي نواز مرکنڊ جي وارثن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس دوڪاندار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نينگر جي والد علي نواز مرکنڊ جو چوڻ هو ته سندس پُٽ دڪان تان ٻاجهري وٺڻ ويو ته دُڪاندار کيس پڪڙي ويهڪ واري جاءِ تي مِرچ وِڌا، نينگر جي رڙين تي پاڙي وارا پهتا ۽ کيس ڇڏائي ورتو. نينگر جي وارثن طرفان ٿاڻي آڏو احتجاج به ڪيو ويو. دڪاندار هرديپ ڪُمار الزام هنيو ته نينگر ٻاجهري چوري ڪري رهيو هو، هُن کيس پڪڙي ورتو ۽ پوءِ پٺيءَ تي مرچ هاريا. واضح رهي ته دُڪاندار هرديپ ڪمار يوسي اعتبار چانڊيو جو سيڪريٽري پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو