دوڪاندارن کي يرغمال بڻائي 2 لک روپيا ڦر، پوليس خاموش

دوڪاندارن کي يرغمال بڻائي 2 لک روپيا ڦر، پوليس خاموش

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ڪچهري روڊ تان 3 موٽرسائيڪل سوار ڦورن ايشور لال جي جنرل اسٽور تي ڪاهه ڪري دوڪاندار کي يرغمال بڻائي 2 لک روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. دوڪاندار ايشور لال، ونود ڪمار ۽ ٻين گهوٽڪي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته دوڪان تان ڦر ٿيڻ بعد هنن بروقت پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس اطلاع باوجود دوڪان تي نه آئي ۽ اسان ٿاڻي تي ايس ايڇ او سان ملاقات ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج به ڏنا آهن پر ايس ايڇ او چوي ٿو ته ڪجهه وقت مهلت ڏيو. هنن ايس پي گهوٽڪي کان  مطالبو ڪيو آھي ته نااهل ايس ايڇ او طفيل ڀٽو کي فوري طور هٽائي هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ هندو برادري ۽ سياسي سماجي ماڻھن سان گڏجي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو