اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي اهم دوستن طرفان مالي مدد جي تازي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه پاڪستان ناٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستاني وفد ۽ آءِ ايم ايف عملي جي تازي ملاقاتن ۾ مضبوط پاليسيون برقرار رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ ادارو جلد کان جلد ضروري مالي اطمينان حاصل ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن نائين اقتصادي جائزي جي ڪاميابيءَ لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي.










