صالح پٽ (نياز مهر) پير ڪارو ۾ مبينه طور نواز ميربحر ساٿين سان ملي ديدارميربحر جي گهر ۾ گهڙي دوستي نه رکڻ تي مسمات حسين ڏني جي مٿان تشدد ڪري وارڪٽي تذليل ڪئي. مسمات حسين ڏني صالح پٽ ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. هن جوچوڻ آهي ته صالح پٽ پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا هو مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مان وس وارن کي اپيل ٿي ڪريان ته مون تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي منهجو داد نه ٿيو ته ايس پي سکر جي آفيس اڳيان پاڻ کي باه ڏيندس.










