دوستاڻي ميچ ۾ ٽائيگر اليون جي رينجرز کي شڪست

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) سنڌ رينجرز 82 ونگ جي نگراني ھيٺ مني اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ رينجرز ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٽائيگر اليون وچ ۾ 10 اوررن جي دوستاڻي ميچ  کيڏي وئي. ٽائيگر اليون ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي 7 رانديگرن جي نقصان تي مقرر اوورن ۾ 98 اسڪور جو ٽارگيٽ ڏنو. جڏھن ته رينجرز جي پوري ٽيم 80 اسڪور تي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽائيگر ٽيم جي عبداللھ چاچڙ پاران بھترين بيٽنگ جو مظاھرو ڪندي 40 رنسون ٺاھي ٽيم کي طاقت بخشي. جڏھن ته رينجرز 82 ونگ ڪمانڊر ڪرنل آمراقبال پاران ونر ٽيم جي ڪپتان غفار منگي کي ٽرافي سميت روڪ رقم پڻ انعام طور ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو