دودو ڀيل قتل معامرو، ڌرڻو، احتجاج، روڊ بلاڪ، شٽربند هڙتال

دودو ڀيل قتل معامرو، ڌرڻو، احتجاج، روڊ بلاڪ، شٽربند هڙتال

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير)ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سڪيورٽي گارڊن هٿان وحشياڻي تشدد ۾ فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جو لاش رکي اسلام ڪوٽ ۾ صبح کان رات تائين ڌرڻو لڳل،شٽربند هڙتال،ٽائرن کي باهيون،روڊ بلاڪ،پ پ جي چونڊيل نمائندن،اڳواڻن سميت مختلف سياسي سماجي ڌريون ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي همدردي جواظهار ڪيو. 172 هفتا اڳ چوري الزام هيٺ يرغمال بڻائي مسلسل ڏھ ڏينهن تائين سيڪيورٽي ڪمانڊوز طرفان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايل پورهيت ڳوٺ ابن تڙ واسي دودو ڀيل جي فوت ٿيڻ بعد وارثن پاران لاش اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو صبح چار بجي رکي احتجاج شروع ڪيو،جنهن بعد بي آءِ ايف جي سڏ تي فوتي جي وارثن ڪرنو ڀيل،ڌاڻو ڀيل،ملهو ڀيل،ملوڪ،عالم سميت ماءُ،گهر واري ۽ ٻين عورتن توڙي مردن وڏي انگ ۾ مظاهري ۾ شرڪت مظاهرين پاران پريس ڪلب کان لاش کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي رينجرز چيڪ پوسٽ ڀرسان لاش باءِ پاس روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو،ڌرڻو صبح سوير کان رات دير تائين مسلسل ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو،جنهن سبب ٿرڪول جي بلاڪن ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ بلاڪ تي ويا ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

Photo Sindhyar

پورهيت جي فوتگي واري واقعي بعد شهر ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪيو ويو ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين پاران باءِ پاس روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو،مظاهرين پاران مسلسل سيڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري مٿس قتل ڪيس داخل ڪرڻ جا نعرا هنيا،لڳل ڌرڻي ۾ پ پ ايم اي فقير شير محمد بلالاڻي،صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل،صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي.،ضلعي صدر انجنيئر گيانچند،ڪامريڊ نندلال مالهي،سشيل ملاڻي سميت ٻين اڳواڻن پهچي يڪجهتي طور شرڪت ڪئي،اُنهي سان گڏ بي آءِ ايف جي اڳواڻن پهلاج ڀيل،گومون مل ڀيل،جماعت اسلامي جي امير سبحان سميجو،مير محمد بليدي،عوامي تحريڪ جي مُحب ڀيل،ديال سحرائي،قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز خاصخيلي،ٿر سماجي تحريڪ جي عبدالعزيز قادري،پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ سمترامنجياڻي،ٿر بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل فقير منور ساگر،ٻين وڪيلن سميت ٻين اڳواڻن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.

Photo Sindhyar

اُنهي موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن دانهيندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو تي سيڪيورٽي گارڊن ڪمانڊر ڪاشف جي اڳواڻي ۾ اسان جي ٽن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري مسلسل 10 ڏينهن نجي جيل ۾ وحشياڻو تشدد ڪيو،بعد ۾ ڪيس داخل ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو،اِهو سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي،اسان جو نوجوان دودو ڀيل وحشياڻي تشدد بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي،جنهن جو قتل ڪيس سيڪيورٽي گارڊن تي داخل ڪري اُنهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي،احتجاج ۾ شامل سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اينگرو ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن سرعام دهشتگردي ڪري هڪ ڳڀرو نوجوان پورهيت کي قتل ڪيو آهي،دودي ڀيل کي سرعام تشدد ڪري ماري ڪمپني اِهو ميسيج ڏنو آهي ته ٿر واسي هاڻي هتي رهي نه ٿا سگهن،هي عمل مذمت سان گڏ افسوس ناڪ آهي،هتي ڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ٿر کي پنهنجي جاگير سمجهي مقامي ماڻهن کي قتل ڪرائي رهيون آهن،ٿرين کي بغاوت تي ڀڙڪايو پيو وڃي ۽ ماڻهو ماري به وري احتجاج ڪندڙن کي ترقي ۾ رڪاوٽ جو سبب ڄاڻايو پيو وڃي.

Photo Sindhyar

هتي ڪمپنيون بلوچستان جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون،اينگرو ڪمپني جو سي اي او سميت سڪيورٽي ڪمانڊوز ۽ ٻيا عملدار ٿرين سان ظلم ڪرڻ ۾ ملوث آهن،سمورن تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي،سيپيڪ جي نالي تي ماڻهن کي حق گُهرڻ عيوض ڊيڄاريو پيو وڃي،ماڻهن کي ماري ۽ وري نالو سيپيڪ جو استعمال پيو ڪيو وڃي،ايس ايس پي ڳالهيون ڪرڻ آيو پر ڳالهين بدران هُو ويتر احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏيئي ويو ته ٿرڪول سيپيڪ جو منصوبو آهي اگر هرون ڀرون ڪنهن ڪا حرڪت ڪئي ته اُن جو حشر بُرو ٿيندو،اسين سمجهون ٿا ته هي سڄي هڪ پلاننگ ۽ سازش تحت ٿي رهيو آهي،اگر دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جاري رهندو،ٻئي پاسي فوت ٿيل پورهيت واري واقعي جو پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي سان رابطو ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهارڪيو،ڌرڻي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي وفاقي وزير شاھ محمود قريشي چيو ته ٿرڪول پروجيڪٽ ۾ تشدد وگهي پورهيت جي فوت ٿيڻ وارو واقعو افسوس ناڪ آهي،ايس ايس پي ڇا پيو ڪري،ڇا ايس ايس پي صرف هڪ پارٽي جو سپورٽر آهي،ايس ايس پي صاحب توهان پ پ جا ايس ايس پي نه پر رياست جا نوڪر آهيو،دودي ڀيل جي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي نه ته توهان کي عهدي تي رهڻ جو ڪو حق ناهي،ڌرڻي ۾ موجود پ پ اڳواڻن چيو ته پورهيت دودي ڀيل کي نجي ٽارچر سيل ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪريون ٿا،ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد ڪرائي مارائي رهيون آهن،جيڪو عمل افسوڪ ناڪ آهي،اسان هن معاملي تي خاموش نه ويهنداسين وڏي وزير کي سموري صورتحال کان آگاھ ڪريون ٿا،دودي ڀيل جو قتل ڪيس ڪمپني جي ملوث ذميوارن تي ڪيس داخل ٿيندو جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ٿيندا،اسين  متاثرين سان هر وقت گڏ آهيون،هوڏانهن ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهائيندي چيو ته دودي ڀيل واري واقعي جي جانچ هلي پئي،موت تي دلي ڏُک پهتو آهي،وارث جن به ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرائين پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهي،پر ڪيس کان اڳ ۾ گرفتارين جو مطالبو غيرقانوني آهي،دودي ڀيل سان واقعي ظلم ٿيو آهي،اسان اُن جي وارثن سان انصاف ڪنداسين،پوليس ڪو به تشدد ناهي ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته ٿرڪول منصوبو سيپيڪ جو پروجيڪٽ آهي،ڪجھ ماڻهو بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا،آئون اڄ وارننگ ٿو ڏيان ته هن منصوبي خلاف اگر ڪنهن به ڪا سرگرمي ڪئي ته اُهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، پروجيڪٽ خلاف مهم هلائيندڙن جو حشر خراب ٿيندو،هتي ڪجھ ڌُريون ذاتي مفادن خاطر استعمال ٿي رهيون آهن،اُهو بليڪ ميلنگ آهي،آئون يقين ڌياني ڪرايان ٿو ته دودي ڀيل جي خون سان انصاف ٿيندو جڏهن ته ٿربار مٺي پاران دودي ڀيل ۽ زخمي پورهيتن جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،هوڏانهن ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ سوين مزدورن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مين گيٽ تي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ ڪجھ مزدور گيٽ ڪراس ڪري اسلام ڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته باقي مزدورن کي سيڪيورٽي اهلڪارن کي روڪي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو