اسلام آباد(بيورو)گهرو وزارت 2019ع کان 2021ع دوران دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم تنظيمن جا تفصيل سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. گهرو وزارت طرفان سينيٽ ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2019ع کان 2019ع دوران اهلسنت والجماعت، القائده، بلوچستان لبريشن آرمي دهشتگردي ۾ ملوث مليا. ان کان علاوه BLF، BRAS، بلوچستان ريپبلڪن آرمي به دهشتگردي ۾ سرگرم مليا. گهرو وزارت جي رپورٽ موجب حزب الاحرار، حزب التحرير، جيش الاسلام، جماعت الاحرار، جيئي سنڌ قومي محاذ، جندالله، لشکر جهنگوي، لشکر اسلام، سنڌ جي انقلابي فوج به دهشتگرديءَ ۾ سرگرم نظر آئي. سينيٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سپاه صحابه، سپاه محمد، تحريڪ جعفريه پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان کان علاوه يونائيٽيڊ بلوچ آرمي ۽ زينبيون برگيڊ دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم آهن.










