عمران خان جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت منظور

عمران خان جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر )اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.عمران خان خلاف سنگجاني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي 9 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
بينڪنگ ڪورٽ ۾ عمران خان جي ضمانت به منظور
بينڪنگ ڪورٽ به منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت جو فيصلو ٻڌايو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عدالت عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان 4 مختلف ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو، عمران خان وڏي ميڙ سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو، جتي هو عدالت ۾ پيش ٿيو.ان موقعي تي سخت ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ اچي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جوڊيشل ڪمپليڪس جو دروازو ٽوڙي وڏي انگ ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس اندر داخل ٿي ويا، جي 11 جڊيشل ڪمپليڪس ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي ناسور بڻيل هئا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيون. سڪيورٽي اهلڪار ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا جنهن سبب عمران خان کي عدالتي ڪمري اندر وٺي وڃڻ ۾ ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پيو. پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ کان روڊ ذريعي اسلام آباد پهتو، ان کان اڳ عمران خان جهاز ذريعي روانو ٿيو هو، پر بعد ۾ روانگي جو پروگرام تبديل ڪري موٽر وي ذريعي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.عدالت جي حڪم تي عمران خان ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ ۽ حاضري کان ڇوٽ گهرڻ بعد اڄ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ بئنڪنگ ڪورٽ سميت 4 مختلف ڪيسن ۾ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿي رهيو آهي. عمران خان جي آمد جي موقعي تي جي 11 ڪورٽن ۽ ڪچري تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندس 9 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.عمران خان اٿي بيٺو ۽ عبوري ضمانت تي عدالت جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو