راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير گذريل ڏينهن دهشتگردي جو شڪار ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) جو دورو ڪيو. آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪي پي او جو دورو ڪيو، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي به آرمي چيف سان گڏ هئا. ان حوالي سان پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچي پوليس چيف آفيس جو دورو ڪيو، آرمي چيف ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۾ پوليس آفيس حملي بابت بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سنڌ جي وڏي وزير حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي عيادت پڻ ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب يا نظريو ناهي هوندو، گمراهه ڪندڙ تصور لالچ ۽ دٻاءَ ذريعي مسلط ڪيو ويندو آهي. آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف اعتماد ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستانين هميشه دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي رد ۽ شڪست ڏني آهي، گڏجي خوشحال مستقبل لاءِ ان خطري کي منهن ڏينداسين.










