اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ انهن خلاف ٿيندڙ احتجاجن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي پنهنجي اندروني سيڪيورٽي پاليسين ۽ فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ وزيرستان جي رهواسين هميشه امن جي حمايت ڪئي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏنو. ”ظاهر آهي ته جيڪڏهن انهن کي محسوس ٿئي ٿو ته، صحيح يا غلط، دهشتگرد واپس اچي رهيا آهن، اهي احتجاج ڪري رهيا آهن جيڪو انهن جو حق آهي. حڪومت ۽ رياست جي حيثيت سان اسان جي ذميواري امن امان، قانون جي حڪمراني ۽ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ آهي‘ پرڏيهي وزير چيو ته مون اوهان جي سامهون هڪ سوال جي تجويز ڏني ته شايد اهو وقت اچي ويو آهي ته دهشتگردي ۽ اندروني سلامتي بابت فيصلن تي ان ڪئميرا اجلاس ۾ جائزو ورتو وڃي. پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان ڊيل ڪرڻ جو واحد طريقو جنگ يا ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ”مان ڪڏهن به نه ٿو سمجهان ته اهو بليڪ اينڊ وائيٽ جيترو آسان آهي، يا ته جنگ هجي يا ڳالهيون. هن چيو ته هن مسئلي تي ”مختلف روش“ آهي ماضي ۾ گذريل حڪومت جي فيصلن ۽ پاليسين کان اسين مختلف سوچ رکون ٿا. ”هن وقت پڻ مان سمجهان ٿو ته اهو ضروري هوندو ته اسان جي اندروني طور تي هن پاليسي جو جائزو وٺون [ڪارو ۽ اڇي جي] ۽ مان نه ٿو سمجهان ته اهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪجهه به غلط آهي ته اسان ڪجهه شين ۾ غلط هئاسين ۽ ٻين شين ۾ صحيح ۽ اسان جي پاليسين کي ٻيهر جانچڻ گهرجي. اسان جي خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ ٿيندڙ پيش رفت مطابق هن مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو ۽ پاليسي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ماصي جي پاليسي تي نطر ثاني جي ضرورت آهي. ڪراچي يونيورسٽي حملي ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪيترن ئي واقعن ڏانهن اشارو ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ علائقائي تبديلين کانپوءِ دهشتگرد حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. بلاول چيو ته دهشتگردي جي نئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، هن ٻيهر تجويز ڏني ته دهشتگردي خلاف رياستي پاليسي جو ان ڪئميرا جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. “اسان دهشتگردي جي خطرناڪ ڏينهن جي واپسي برداشت نٿا ڪري سگهون.” چمن بارڊر تي حملي بعد رحد بند ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته ان م جيڪو به گروپ ملوث آهي افغان حڪومت ان خلاف ڪاروائي ڪري. هن چيو تي اسين طالبان حڪومت کي يڪطرفي طور تسليم نٿا ڪري سگهون، هنن کي پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي روڪڻ ۽ عورتن جي تعليم سميت عالمي برادري سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ عالمي برادري جي شراڪت بعد گڏيل طور ان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪبو. هن چيو ته افغانستان انساني صورتحال خطرناڪ آهي. هن چيو ته آمريڪا سان تعلق بهتر ٿي رهيا آهن، اسانکي مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ لاءِ مستقل اپاءُ وٺڻا پوندا، خطي جي ترقي لاءِ سڀني پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻا پوندا. افسوس اٿم ته بلوچستان ۾ پاڙيسري ملڪ ڊهشتگردي ڪرائين ٿا. پاڪ ايران گيس پائيپ لائن ۾ رڪاوٽون گڏجي ختم ڪرڻ گهرجن. سائفر بابت عمران خان جي تازي بيان تي هن چيو ته اهو نئون يوٽرن آهي اسين ويلڪم ڪريون ٿا. سندس مارچ بابت هن چيو ته اهو چاءَ جي پيالي ۾ طوفان مثل آهي. ارشد شريف جي قتل کي هن ڀيانڪ سڏيندي چيو ته ان ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، اسانکي پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو.










