اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ هڪ ڀيرو وري ان معاملي تي حڪومت جي پاليسي واضح ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي پير ظهور حسين قريشي ۽ جَي يو آءِ جي صدف احسان قومي اسيمبلي جي ميمبر طور قسم کنيو. جي يو آءِ جي نور عالم خان چيو ته اسپيڪر صاحب، اوهان هڪ غير آئيني ڪم ڪيو آهي، اِهو ميمبر اسان جو رڪن ناهي پر اوهان کائنس حلف ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ ان سيٽ بابت ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪڏهن اوهان اجلاس ائين هلائي رهيا آهيو ته اسان ڪورم جي نشاندگي ڪنداسين، اياز صادق چيو ته انهن ميمبرن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني شين جي کوٽ آهي، مهانگائي جا مسئلا آهن، اسان قسم کنيو آهي ته آئين جي پاسداري ڪنداسين، آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، صدر جي خطاب تي بحث شروع ڪريو. عمر ايوب چيو ته اوهان کي رٿ پيش ڪرڻي آهي ته صدر جي خطاب تي بحث ڪرڻو آهي، اپوزيشن ليڊر رٿ تي بحث ڪندو، ميمبر ان تي ڳالهائيندا. سندس چوڻ هو ته ڪالهه نارووال ۾ سرڪاري گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ نوجوان شهيد ٿيو، ڪير سار لهڻ وارو ڪونهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني نه آهي. پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن بئنچن ۾ ڇڪتاڻ نظر اچي رهيو آهي، پارليامان جي صبر کي چئلينج ڪيو ويو ته هتي ڪو به ماءُ جو پٽ هتي ڳالهائي نه سگهندو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته حيرت آهي ته قانون ڪير پڙهائي رهيو آهي، خبر ناهي قانون ڪٿان پڙهيو پيو وڃي، اجلاس جاري آهي تقرير تي بحث ايجنڊا تي اچي ويندي، صدر جي تقرير دوران جيڪو ٿيو اِحو شرمناڪ آهي. نوشڪي ۽ ڪشمور ۾ پيش آيل واقعن تي جمال رئيساڻي ڌيان ڏياريو نوٽيس تي چيو ته ملڪ دشمنن خلاف اسان وٽ پلانز آهن، جنهن تي قانون واري وزير چيو ته 5 ڏهاڪن کان پاڪستان دهشتگردن جي نشاني تي آهي، انهن عنصرن خلاف قدم کنيا پيا وڃن، هن ايوان ۾ دهشتگردي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، دهشتگردن کي ملڪ ۾ واپس آندو ويو. اعظم نذير چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون،انهن کي انهن جي زبان ۾ ئي جواب ڏنو ويندو.
سرگوڌا توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 500 ڄڻا نامزد
مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽ شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
جيڪب آباد ۾ جيل جا 2 قيدي روشن دان ٽوڙي فرار
سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي
اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار
فخر ۽ مان ڪجهه وڌيڪ اوور کيڏيون ها ته نتيجو مختلف هجي ها: بابر
ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟
سنڌيار ڪراچي 26 مئي 2024
سنڌيار سکر 26 مئي 2024
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي