ملير( درياخان شر) سھراب ڳوٺ پوليس جي وڏي ڪارروائي، دھشتگردن کي بم ۾ استعمال ٿيندڙ پائوڊر پهچائيندڙ عورت گرفتار، مڙس فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب. گرفتار عورت شيرين پوليس اڳيان اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي هوءَ ۽ ان جو مڙس دھشتگردن جا پاٿاريدار آھن جيڪي پاٿاريداري ڪرڻ سان گڏ ڦر جو سامان وڪرو ۽ خريد ڪندا آهن. پوليس ڇاپي دوران عورت کان دستي بم، 6 ڪلو چرس، ڦر ٿيل سامان به ھٿ ڪرڻ بعد جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي.










