دنيا ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر جاري، پاڪستان ۾ 71 فوت

دنيا ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر جاري، پاڪستان ۾ 71 فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 71 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 545 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين فوت ٿيلن جو مجموعي انگ 9 هزار 80 ۽ متاثرن جو انگ 4 لک 48 هزار 522 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ جاري آهي، هڪ ڏينهن دوران سموري دنيا ۾  10 هزار 681 ماڻهن کان وائرس حياتيون کسي ورتيون آهن، 5 لک 14 هزار 956 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد دنيا ۾ متاثرن جو انگ 7 ڪروڙ 43 لک 14 هزار 921 ٿي ويو آهي، امريڪا ۾ حالت بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 2 هزار 395 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، ميڪسيڪو ۾ هڪ ڏينهن دوران 801، جرمني ۾ 749، اٽلي ۾ 680، برطانيا ۾ 612، روس ۾ 596 ۽ ڀارت ۾ 223، ايران ۾ 213، بيلجيم ۾ 124 انڊونيشيا ۾ 124،بنگلاديش ۾ 27، فلپائن ۾ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 16 لک 51 هزار 584 ٿي ويو آهي. ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5  ڪروڙ 22 لک 13 هزار 567 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو