ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) آمريڪا جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ مريض ۽ عملي جا ميمبر هاڻي هڪ هٿ، لڳ ڀڳ چار فوٽ اوچي ۽ اڇي رنگ جي دوستاڻو ڏيک رکندڙ روبوٽ کي پنهنجي روزاني ڪم دوران ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا آهن.
هن روبوٽ جو نالو موڪسي (Moxi) آهي، جنهن کي ان جي ٺاهيندڙ ڪمپني ڊيلجنٽ روبوٽڪس (Diligent Robotics) تيار ڪيو آهي.
نرسون اڪثر موڪسي کي “گڊ مارننگ” چونديون آهن، ڪڏهن ان سان هاءِ فاءِ ڪنديون آهن ۽ ڪڏهن ته کيس ڀاڪر به پائينديون آهن.
موڪسي اسپتال اندر دوائون ۽ ٻيو طبي سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي. جواب ۾ اهو پنهنجي دل جي شڪل وارن LED اکين کي روشن ڪري ۽ “بيپ بيپ” جي آواز سان سلام ڪندو آهي. ٽيڪساس ۾ قائم روبوٽڪس ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر ٽوڊ برگر جو چوڻ آهي: “اسان کي اڪثر اها موٽ ملي ٿي ته موڪسي اسپتال جي عملي جي ٽيم جو هڪ حصو بڻجي ويو آهي.”
هن ٻڌايو ته هن وقت لڳ ڀڳ 100 موڪسي روبوٽ مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
روبوٽ خريد نه، پر ڪرائي تي به ملن ٿا
موڪسي کي اسپتال ۾ آڻڻ جو مطلب اهو ناهي ته اسپتال کي اهو روبوٽ خريد ڪرڻو پوي. ان جي بدران اهو ڪرائي تي يا سبسڪرپشن (رڪنيت) جي بنياد تي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
روبوٽڪس ڪمپنيون هن ماڊل کي “روبوٽڪس اَيز اَي سروس” سڏين ٿيون. ان سروس ۾ صرف روبوٽ ئي نه، پر ان جي سار سنڀال، مرمت، سافٽ ويئر اپڊيٽ ۽ جديد واڌارا پڻ شامل هوندا آهن. ضرورت پوڻ تي ڪمپني جي ڪنٽرول روم ۾ ويٺل هڪ انجنيئر پري کان ئي روبوٽ جو ڪنٽرول سنڀالي سگهي ٿو.
ٽوڊ برگر جو چوڻ آهي: “ان سان اسپتالن جو خرچ گهٽجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻتہ کين شروعات ۾ سڄي رقم ادا ڪرڻي نٿي پوي. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هي ٽيڪنالاجي انتهائي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، تنهنڪري اسان باقاعدي روبوٽ جي سافٽ ويئر ۽ صلاحيتن کي بهتر بڻائيندا رهون ٿا.”
هر قسم جا روبوٽ ڪرائي تي
هاڻي روبوٽ هڪ ڏينهن کان وٺي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف مقصدن لاءِ ڪرائي تي ملي رهيا آهن. انهن ۾ اسپتالن لاءِ سامان پهچائيندڙ روبوٽ، روبوٽ بارٽينڊر ۽ زرعي زمينن مان پاڻمرادو گاهه ڪڍندڙ روبوٽ به شامل آهن.
هاڻي آهستي آهستي هيومنائيڊ روبوٽ به ڪرائي تي ڏنا پيا وڃن. اهي اهڙا روبوٽ آهن، جيڪي انسانن وانگر ڏسڻ ۽ هلڻ ڦرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن ۽ اهڙين جڳهن تي ڪم ڪري سگهن ٿا، جيڪي اصل ۾ انسانن لاءِ ٺاهيون ويون آهن.
ڇاڪاڻتہ هيومنائيڊ روبوٽ اڃا مڪمل طور تي تيار نه ٿيا آهن، تنهنڪري في الحال کين صرف مخصوص ڪمن لاءِ ڪرائي تي ڏنو وڃي ٿو، جن مان گهڻو ڪري تفريح سان لاڳاپيل هوندا آهن.
ماڊل جي لحاظ کان ڪو روبوٽ ناچ ڪري سگهي ٿو، ڳائي سگهي ٿو يا شادين ۽ ڪارپوريٽ تقريبن ۾ مهمانن جي خدمت ڪري سگهي ٿو.
بيجنگ ۾ قائم تحقيقي اداري ڪائونٽر پوائنٽ ريسرچ جي ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر اٿن چي جو چوڻ آهي ته هيومنائيڊ روبوٽ کان ناچ جهڙو مظاهرو ڪرائڻ نسبتاً سولو ڪم آهي.
هن چيو: “توهان پهرين ڪنهن حقيقي ڊانسر کان ناچ ڪرائي ان جي وڊيو ٺاهيو ٿا. پوءِ اها وڊيو روبوٽ کي تربيت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ روبوٽ ناچ ڪرڻ سکي ويندو آهي. تنهن هوندي به گهڻو ڪري انجنيئر روبوٽ سان گڏ هوندو آهي، ڇاڪاڻتہ هر ماحول يا اسٽيج هڪجهڙو نه هوندو آهي.”
پر هيومنائيڊ روبوٽن کي ڪرائي تي ڏيڻ جو مقصد رڳو ناچ يا تفريح تائين محدود ناهي، جيڪي اڪثر سوشل ميڊيا تي، خاص طور تي چين ۾، وائرل ٿيندا رهن ٿا.
هاڻي ڪمپنيون گهر جي ڪم ڪار لاءِ روبوٽ سبسڪرپشن متعارف ڪرائڻ جون به تياريون ڪري رهيون آهن.
آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ قائم ڪمپني 1X هن سال جي آخر تائين پنهنجو گهر ۾ مددگار روبوٽ NEO مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو ارادو رکي ٿي.
آمريڪا ۾ شروعاتي گراهڪ اهو روبوٽ يا ته 20 هزار آمريڪي ڊالر ۾ خريد ڪري سگهن ٿا، يا وري هر مهيني 499 ڊالر جي سبسڪرپشن تي حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني جي پراڊڪٽ ۽ ڊيزائن واري شعبي جي نائب صدر ڊار سليپر جو چوڻ آهي: “ڪيترائي گراهڪ NEO کي سڌو خريد ڪندا، پر سبسڪرپشن جي سهولت شروعاتي خرچ کي تمام گهڻو گهٽائي ٿي، جنهن سان هي روبوٽ وڌيڪ ماڻهن جي پهچ ۾ اچي ويندو.”
روبوٽ ڪرائي تي وٺڻ جا فائدا
روبوٽ خريد ڪرڻ بدران ڪرائي تي وٺڻ جو هڪ وڏو فائدو اهو آهي ته روبوٽڪس ٽيڪنالاجي انتهائي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي.
جيڪڏهن اڄ ڪو نئون هيومنائيڊ روبوٽ خريد ڪيو وڃي، ته امڪان آهي ته ڪجهه ئي وقت ۾ ان کان وڌيڪ جديد ماڊل مارڪيٽ ۾ اچي وڃي.
اٿن چي جو چوڻ آهي: “تقريباً هر سال روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون نئون ماڊل متعارف ڪرائين ٿيون. جيڪڏهن توهان روبوٽ خريد ڪيو آهي ته ان کي نئين ماڊل سان مٽائڻ آسان ناهي، پر جيڪڏهن ڪرائي تي ورتو آهي ته توهان هميشه جديد ماڊل حاصل ڪري سگهو ٿا.”
هن وڌيڪ چيو ته ڪرائي تي روبوٽ وٺڻ سان استعمال ڪندڙ کي پيچيده فني ڄاڻ رکڻ جي به ضرورت نٿي رهي. “گراهڪن کي روبوٽن جي پروگرامنگ (ڪوڊنگ) نٿي اچي، تنهنڪري ڪنهن به فني مسئلي جي صورت ۾ هو سڌو ڪمپني سان رابطو ڪري سگهن ٿا.”
ڪارخانن ۾ به روبوٽ ڪرائي تي
صرف هيومنائيڊ روبوٽ ئي نه، پر صنعتي روبوٽن جي ڪرائي تي فراهمي پڻ تيزي سان وڌي رهي آهي. آمريڪي شهر شڪاگو ۾ قائم ڪمپني فارمڪ (Formic) وٽ هن وقت 250 کان وڌيڪ صنعتي روبوٽ آهن، جيڪي “روبوٽ ايز اي سروس” جي بنياد تي مختلف ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
ڪمپني جي چيف روينيو آفيسر شان فٽزجيرالڊ جو چوڻ آهي: “اسان جي سروس ۾ هر شيءِ شامل هوندي آهي. جيڪڏهن روبوٽ جو بازو خراب ٿي وڃي ته اها ذميواري اسان جي هوندي، ۽ اسان گراهڪ کي نئون روبوٽ فراهم ڪندا آهيون.”
سندس چوڻ موجب، ڪمپني جو هڪجهڙو ماهوار فيس وارو ماڊل ننڍين صنعتن لاءِ به روبوٽ استعمال ڪرڻ آسان بڻائي ٿو، ڇاڪاڻتہ اهي اڳ ۾ مهانگا ڪارخاني وارا روبوٽ خريد ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا.
هن اهو به ٻڌايو ته ڪمپني هن وقت صنعتي مقصدن لاءِ هيومنائيڊ روبوٽن جي آزمائش پڻ ڪري رهي آهي.
هڪجهڙي ماهوار فيس کان علاوه، هاڻي روبوٽ ڪرائي تي ڏيڻ جا نوان ادائگي جا طريقا به متعارف ٿي رهيا آهن.
تحقيقي اداري Interact Analysis جي تجزيه نگار مارڪو وانگ جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪمپنيون هاڻي اها خواهش ظاهر ڪري رهيون آهن ته روبوٽ جو ڪرايو ان بنياد تي مقرر ڪيو وڃي ته اهو ڪيتري انساني محنت بچائي ٿو.
روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين لاءِ ڪرائي تي ڏيڻ وارو ماڊل صرف آمدني حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي، پر اهو انهن کي پنهنجي روبوٽن کي حقيقي ماحول ۾ آزمائڻ ۽ قيمتي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو به موقعو ڏئي ٿو.
مارڪو وانگ جو چوڻ آهي: “هيومنائيڊ روبوٽن جي ٽيڪنالاجي اڃا مڪمل طور تي تيار ناهي، اها اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي.”
چين ۾ روبوٽن جي ڪرائي جو وڌندڙ رجحان
چين، جيڪو هيومنائيڊ روبوٽن جي شعبي ۾ اڳواڻ ملڪن مان هڪ بڻجي چڪو آهي، اتي روبوٽن کي ڪرائي تي ڏيڻ جون اسڪيمون تيزي سان وڌي رهيون آهن.
ڪجهه چيني ڪمپنين پنهنجا هيومنائيڊ روبوٽ هوٽلن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪرائي تي ڏنا آهن، جتي اهي عملي جي مدد ڪندي عملي تجربو حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪو مستقبل ۾ گهرن اندر استعمال لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو.
ٻيون ڪمپنيون صفائي جون خدمتون مهيا ڪندڙ موبائل ايپس ذريعي به روبوٽ ڪرائي تي فراهم ڪري رهيون آهن. چين جون ڪجهه ڪمپنيون هاڻي پنهنجي شريڪ ادارن وسيلي پرڏيهي ملڪن ۾ به روبوٽ ڪرائي تي ڏيڻ شروع ڪري چڪيون آهن.
انهن مان وڏي ڪمپني Agibot جو چوڻ آهي ته سندس هيومنائيڊ روبوٽ برطانيا سميت 17 ملڪن ۾ ڪرائي تي دستياب آهن.
مستقبل ۾ خريداري يا ڪرائو؟
جيتوڻيڪ روبوٽن کي ڪرائي تي وٺڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، پر مارڪو وانگ جو خيال آهي ته چين ۾ اڃا به روبوٽن جي سڌي خريداري وڌيڪ عام رهندي، ڇاڪاڻتہ حڪومت طرفان هن شعبي کي مالي سهائتا ۽ مراعتون ڏنيون پيون وڃن.
هن چيو: “چين جي سرڪاري ادارن طرفان وڏي تعداد ۾ هيومنائيڊ روبوٽن جا آرڊر ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيترائي آرڊر سرڪاري سبسڊي جي ڪري به ملي رهيا آهن.”
سندس چوڻ موجب، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪجهه ڪمپنيون روبوٽ وقار (Prestige)، ٽيڪنالاجي سکڻ يا ڊگهي مدي واري مالي فائدي خاطر سڌو خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون.
پر ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ ماڻهن لاءِ، جيئن جيئن روبوٽ وڌيڪ جديد ٿيندا ۽ مارڪيٽ وڌندي ويندي، روبوٽ کي ڪرائي تي وٺڻ هڪ وڌيڪ آسان، سستو ۽ عملي حل بڻجي سگهي ٿو.










