دنيا ۽ دولت جي پوڄارين تاريخي قبرون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون

ڊرگھ بالا(محمد اسماعيل لانگاھ) ڪاڇي جي شهر ڊرگھ بالا ويجهو اولھ طرف نئين گاج جي ڪنڌي تائين قائم ڏيڍ سئو سال تاريخي قبرستان کي دنيا ۽ دولت جو حوس رکندڙ ماڻهن پوري قبرستان ۾ قائم عاليشان قبرن مٿان اڏيل مقبرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب قبرستان پنهنجي اصل سونهن وڃائي ڇڏي آھي. ٽالپر حڪمران مير الهيار خان ٽالپر جي نالي سان منصوب هي تاريخي ورثو بلڪل تباھ ڪيو ويو آھي جنهن ۾ اندازي مطابق گذريل ڏيڍ سئو خان ٻه سئو سال کان دفن ٿيل ماڻهن جون هزارين قبرون موجود آھن,جنهن کي ڪيترن ئي ورهين کان وٺي علائقي واسين سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ علم نجوم رکندڙ ماڻھن دنيا ۽ دولت هئڻ جي لالچ سمجهي راتين جي وقت اچي هن تاريخي ورثي ۾ ڪات ڪهاڙا وجهي خوبصورت قبرستان ۽ قبرن مٿان اڏيل مقبرن کي کوٽي، ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. قبرن منجهان انساني ڍانچا ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيا. انتهائي اعليٰ معياري چٽسالي رنگن روپن سان تعمير ٿيل خوبصورت قبا ڊھڻ ۽ ڀُرڻ شروع ٿي ويا آھن. پوري قبرستان اندر علائقي جي مڙني ڳوٺن جا هزارين ميت دفن ٿيل آھن. ورثي جي بي حُرمتي ٿيڻ جي ڪري علائقي واسين پنهنجا ميت هن قبرستان ۾ دفنائڻ بجاءِ ڳوٺن ۾ قائم ننڍن ننڍن قبرستانن ۾ رکڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف علائقي جي سڀ کان وڏي پاڻي جي ندي نئين گاج جي ڪپر تي قائم هئڻ ڪري پاڻي وهڪرن به اڌ قبرستان جون قبرون لوڙھي ڇڏيون آھن، مالڪي نه ٿيڻ ڪري برساتن دوران وچ قبرستان اندر وڏا گهارا پئجي ويا آھن جنهن ڪري به قبرن کي نقصان پئجندو رهيو آھي. ٻئي طرف علائقي جي مالوندن جو مال ڇڏڻ ڪري به قبرن مٿان پيل پٿر به اکڙي ويا آھن قبرون کوٽيل هئڻ ڪري برساتن جو پاڻي اندر داخل ٿيڻ لڳو آھي. هن تاريخي قبرستان اندر علائقي جي وڏي بزرگ هستي پيرل شاھ قبر هئڻ ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جا ماڻھون ۽ ڪاڇي واسي مرادون ۽ منتون کڻي ايندا آھن ۽ ديڳيون پڻ لاهيندا آھن. سخت ڏُڪاري حالتن دوران هن درويش جي قبرتي ڀت جون ديڳيون لاھڻ سان رب جي ڪرم سان برسات پوندي آھي. ھن تاريخي ورثي ۾ ڪيترن ئي ذاتين جا ماڻھون جن ۾ ڏاهري، سرهيا، وگهيا، کچي، لنڊ، ٻٻر، جمالي، رند، سومرا، ڪلهوڙا، سيد ۽ ٻين قومن جا هزارين ماڻھو دفن ٿيل آھن جنهن قومن هاڻي قبرستان جي بي حرمتي ٿيڻ ڪري ٻين هنڌن تي پنهنجا عزيز ۽ مائٽ دفنائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. هن تاريخي قبرستان جو معائنو دادو ضلعي ۽ سنڌ حڪومت جا ڪيترا اعليٰ آفيسر ۽ آرڪيلاجي کاتي جا ماڻھو وزٽ ڪري ويا پر ڪنهن جي طرفان مالڪي نه ڪئي وئي. دادو ضلعي انتظاميه کي آرڪيالاجي کاتي طرفان لکين رپيا فنڊ ملڻ باوجود ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي. علائقي جي سياسي سماجي,۽ سڄاڻ ڌُرين جي اڳواڻن طالب حسين سرهيو، سيد رکيل شاھ، خالد حسين سرهيو، عطاءُ الله کچي، فقير علڻ کوکر، اعظم لنڊ ۽ ٻين وزير اعليٰ سنڌ ۽ لاڳاپيل کاتي جي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته هن قبرستان جي فوري طور مالڪي ڪئي وڃي ۽ سندن نقصانن کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو