سکر(جيرام داس ) اسپيني جوڙو سير و تفريح لاءِ سکر پهچي ويو، اسپين جي شهر بارسلونا جو رهواسي جوڙو مريم ۽ شرجين سکر پهتو، جوڙي موٽر سائيڪل ذريعي ستين جي آستان، لب مهراڻ، سکر بئراج، لئنس ڊائون پل ۽ ٻين تفريحي ماڳن جو دورو ڪيو. جوڙو تفريحي ماڳن جي منظرن کان خوب لطف اندوز ٿيو جتي يادگار تصويرون ٺاهيون. ان موقعي تي اسپيني جوڙي سنڌ جي مهمانوازي ۽ تاريخي ماڳن جي خوب تعريف ڪئي. شرجين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پوري دنيا جي سير و تفريح تي نڪتل آهيون پاڪستان ۾ تمام گهڻا خوبصورت تفريحي ماڳ آهن سنڌ جا ماڻهو سادا، مهمان نواز ۽ پيار ڪندڙ آهن، جوڙي تفريح کان پوءِ شهر جو پڻ دورو ڪيو ۽ سنڌ جون سوکڙي رلي خريد ڪئي. ان موقعي تي جوڙي سان شهرين پڻ سيلفيون ٺاهي لمحن کي يادگار بڻايو.










