دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ مڪاني ادارا شهرين کان ٽيڪس وصول ڪن ٿا: مرتضيٰ

دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ مڪاني ادارا شهرين کان ٽيڪس وصول ڪن ٿا: مرتضيٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ميونسپل ٽيڪس جي مد ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ مان 23 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ سان ڪراچي جي ميونسپلٽي کي مالي طور تي مستحڪم ٿيندي ۽ ھي رقم شھر جي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪئي ويندي۔ ان کان اڳ فيز ۾ ڊاڪيارڊ روڊ جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، اها رقم امانت ۾ آهي ۽ اها ڪراچي تي ئي خرچ ڪئي ويندي، آءِ سي آءِ پل کان يو جنڪشن تائين 14 ارب رپين جي لاڳت سان ايليوٽيڊ ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي. ڪو به ادارو ٽيڪس کان سواءِ نٿو هلي سگهي، دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ مڪاني ادارا شهرين کان ٽيڪس وصول ڪن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي جي صبح ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هيڊ آفيس ۾ پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير فيصل سبزواري سان گڏ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي پي ٽي جو چيئرمين سيد محمد طارق، ايڊيشنل سيڪريٽري بحري امور اسد رفيع چندنا، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي سيد افضل زيدي، ناڻي وارو صلاحڪار غلام مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو آهي ته ڪي پي ٽي اصولي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته ڪي ايم سي وٽ جيڪا به رقم واجب الادا آهي اها ادا ڪئي وڃي، هي ڪراچي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ آهي، پارٽنرشپ لاءِ اعتماد سازي آهي، ايندڙ ڏينھن ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ڪي پي ٽي ڪراچي ۾ چار وڏا منصوبا شروع ڪرڻ چاهي ٿي، انهن منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ڪي پي ٽي کان اين او سي گهربل هئا، پر ٻنهي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن نه هجڻ سبب اهي اين او سيز جاري نه ٿي سگهيا پر هاڻي اهو معاملو اعتماد ذريعي پڻ حل ڪيو ويندو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪو به ادارو ٽيڪس کان سواءِ نٿو هلي سگهي ۽ ڪراچي جي ترقي دراصل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ترقي آهي ڇو ته هي شهر جو اهم ادارو آهي، ايڊمنيسٽر ڪراچي ان موقعي تي رقم جي ادائگي جي سلسلي ۾ فيصل سبزواري ۽ ڪي پي ٽي چيئرمين طارق هوده جا ٿورا مڃيا ته هن ڪي ايم سي جي بهتري لاءِ هاڪاري قدم کنيا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بجلي جي بل ۾ ميونسپلٽي ٽيڪس جي وصولي بابت چيو ته هي ڪو نئون ٽيڪس ناهي ۽ اهو 2009 کان وصول ڪيو پيو وڃي، ھن ٽيڪس ۾ اضافي بدران گهٽتائي ڪئي وئي آهي،50 کان 200 رپين تائين ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، هن چيو ته اڳ صنعتي زونن مان في يونٽ 5 هزار رپيا وصول ڪيا ويندا هئا، ھن چيو ته ماضي ۾ ميونسپل ٽيڪس جي مد ۾ ملندڙ پيسو افسران ۽ عملي جي کيسن ۾ ويندو ھيو۔ پر هاڻي جيڪا رقم اليڪٽرڪ ڪمپني ميونسپلٽي کي ڏيندي. اھا چيڪ جي صورت ۾ هوندي ۽ ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو جنهن سان شهر جي صورتحال بهتر ٿيندي، هن چيو ته ڪي ايم سي کان وڌيڪ طاقتور ڪو ادارو ناهي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ايڊمنسٽر ڪراچي چيو ته ڪجھ ماڻھو ان سلسلي ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن۔ هن چيو ته ڪي ايم سي ۾ رڳو 14 هزار ملازم آهن، مون پنهنجي دور ۾ هڪ به ماڻهو ڀرتي نه ڪيو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته جيستائين روڊن جي تعمير نه ٿيندي تيستائين استحڪام نٿو اچي سگهي. روڊ ٺاهڻ کان اڳ اسان کي سيوريج سسٽم، ڊرينيج سسٽم ۽ پاڻي جي ليڪيج کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو ته پوءِ روڊ پائيدار ٿيندو، اسان جو ساٿ ڏيو ڇو ته هي اسان جو شهر آهي ۽ اسان سڀ چاهيون ٿا ته ان جي بهتري ٿئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو