ڪراچي (درياخان شر) اين آءِ سي وي ڊي (NICVD ) هڪ ٻار جي حياتي بچائي ورتي ۽ سندس دل ۾ ڦاٿل پيچڪس ڪڍيو ويو. والدين ٻار کي مختلف اسپتالن ۾ کڻائي ويا جتي موڪل ۽ طبيعت گهڻي بگڙڻ سبب ڊاڪٽرن پيچ ڪس ڪڍڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.

جنهن بعد سندس والدين کيس دل جي اسپتال اين آئي سي وي ڊي NICVD کڻائي آيا، جتي موڪل هجڻ باوجود ڊاڪٽرن کي هڪ دم اسپتال گهرايو ويو ۽ نينگر ارسلان جو آپريشن ڪيو ويو ۽ پيچ ڪس ڪڍيو ويو، هاڻي ارسلان جي صحت سڌرندڙ آهي جنهن کي جلد ڊسچارج ڪيو ويندو. ڪامياب آپريشن تي ٻار ۽ سندس والدين خوش آهن.










