اوٻاوڙو (ن سنڌيار) ميرڪوش کان نڪرندڙ دلوارو مائنر کي ڳوٺ ٻوڙي وٽان گهارو پئجي ويو جنهن سبب فصل ٻڏي ويا آهن. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ هيٺ کنڊ ٻڌي رهيا آهن ۽ اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جو عملو ناهي پهتو. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ سردار علي زاهد حسين ۽ ٻين چيو ته هڪ ته دلوارو مائنر کي دڪو ڏيئي تمام مٿي ڪيو ويو آهي، ٻيو وري ڪافي ڏينهن بعد دلوارومائنر ۾ پاڻي ڇڏيو ويو پر جيئن ئي پاڻي پهتو تيئن ئي ڳوٺ ٻوڙي وٽان گهارو پئجي ويو. اڳ ۾ به ساڳئي جاءِ تي گهارو پيو هو جنهن بعد پاڻي بند ڪيو ويو، اسانجا فصل سڪي رهيا هئا ۽ عملو پئسا وٺي پوءِ پاڻي کوليو ته وري گهارو پئجي ويو. ڳوٺاڻن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ڊائريڪٽر سيڊا کي اپيل ڪئي ته خدا جي واسطي کاٽي ڪرائي اسان جو مسئلو حل ڪريو.










