دعون جي ابتڙ  عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو ويو: محنتي

دعون جي ابتڙ عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو ويو: محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي وفاقي حڪومت پاران مالي سال2023.24 جي پيش ڪيل بجيٽ کي روايتي سرمائيداراڻي، وياج ۽ قرض جي معيشت قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي وعدي جي برعڪس ٽيڪسن سان ڀرپور بجيٽ آهي، گذريل سال ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي مقابلي ۾ 21 فيصد مهانگائي جي شرح ٻڌائڻ کل جوڳو آهي، دعون جي ابتڙ حڪومت عام ماڻهو کي رليف ۽ عوام دوست بجيٽ جي مقابلي ۾ عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري صنعتڪارن، واپارين ۽ ملازمت پيشه ماڻهن کي سخت مايوس ڪيو آهي. صوبائي امير وفاقي بجيٽ تي پنهنجو ردعمل پيش ڪندي وڌيڪ چيو ته موجوده معاشي صورتحال کان مايوس ٿي قابل ۽ هنرمند پاڪستاني ملڪ ڇڏي ٻاهر پيا وڃن گذريل سال پاڪستان کان ٻاهر ويندڙ ماڻهن جي شرح ۾ 200فيصد اضافو ٿيو، K.4منصوبي جي تڪميل لاءِ 135 ملين بدران 17 ملين رقم رکي وئي جنهن کان پوءِ اهو منصوبو چئن سالن بدران 10 سالن ۾ به جُڙي راس نه ٿيندو، اسان جي امپورٽ 60ارب ڊالر بدران 30 ارب ڊالر آهي حڪومت درآمدات گهٽائڻ لاءِ پرتعيش ۽ غيرضروري شين تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. صعنتن کي رعايت ڏيڻ بدران انهن تي ٽيڪس لڳائڻ، وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ انفرااسٽرڪچر بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان صعنتون ۽ ڪارخانا بند ٿيڻ جي ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ڏيڍ سال ۾ آئي ايم ايف جي سخت شرطن تي عمل ڪرڻ باوجود قرض ڏيڻ ۾ حيلا بهانا ڪيا پيا وڃن، جڏهن اسان آءِ ايم ايف جي امداد کان بنا بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ اسان کي آئنده آءِ ايم ايف کان جند ڇڏائي پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي. وياج وارن قرضن کان معيشت کي پاڪ ڪرڻ سان عوام جي فلاح تي وڏي رقم خرچ ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ۾ ڊفالٽ جو خطرو اڃان ٽريو ناهي، پر ان باوجود حڪومت غير ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ بدران اضافو ڪري ڇڏيو ۽ حڪومتي آمدني ۾ اضافي لاءِ 223 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، ملڪ ۾بجلي جو بحران حل ڪرڻ لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير لاءِ 100 ارب رپين جي رقم به ناهي رکي وئي جنهن سان توانائي وارو بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خطرو آهي. 2018ع تائين ملڪ 28 هزار ارب رپين جو قرضي هو جڏهن ته هن سال 15 ارب قرض حاصل ڪري هزار58 ارب تائين وڃي پهتو آهي. صوبائي امير مطالبو ڪيو ته حڪومت پنهنجي عياشين ۽ ٺٺ ٺانگر کي ختم ڪري سادگي اختيار ۽ غير ترقياتي خرچن کي گهٽائي9200 ارب ٽيڪس آمدني جي دعوى ڪئي وئي آهي جڏهن ته معاشي ماهرين جو خيال آهي ته ايف بي آر جي وصولين ۾ انتظاميه اربين رپين جون گهوٻيون هڻي ٿي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته عوام مٿان مڙهيل ٽيڪس جو بار ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. تعليم ۽ صحت واري شعبي جي حالت خراب، اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم ٿي جهالت واري زندگي گذارڻ تي مجبور جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مٿي جي سور جي گوري توڙي ڪتي چڪ جي ويڪسين به اڻ لڀ هوندي آهي ان صورتحال ۾ بهتري آڻڻ لاءِ حڪومت ڪابه ٺوس منصوبابندي ناهي ڪئي. پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي منڊي مطابق آڻڻ بدران ڪجهه رپين جي گهٽتائي عوام سان مذاق آهي انڪري بجيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات، گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو وڃي، سيلاب جي ڪري ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ امدادي رقم جي استعمال جا انگ اکر بجيٽ ۾ ڏيکارڻ گهرجن ها، ڊيري، پولٽري ۽ زرعي جنسن جي پيداواري لاڳت تي ٽيڪس گهٽايو وڃي ته جئين عوام کي سستيون شيون ملي سگهن، ڊالر کي سٽي بازن جي رحم تي نه ڇڏيو وڃي ڇو ته ان سان پوري معيشت ويهي ٿي رهي، روزاني واهپي وارين شين تي ٽيڪس کي گهٽائي عام ماڻهن جي قوت خريد کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري خلاف قانون کي موثر طريقي سان نافذ ڪيو وڃي ته جئين عام ماڻهو سُک جو ساه کڻي سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو