دريا خان مري (ن س) دريا خان مري ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل،3 ڄڻا زخمي ٿي پيا دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان موروجو ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا موروجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ اقبال، صدام، رتو ۽ راشد موروجو زخمي ٿي پيا زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي اقبال مورو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو ڳوٺاڻن موجب نعيم اختر موروجو ۽ اقبال موروجو وارين ڌرين ۾ ھڪ ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي










