نيب 4 هفتن اندرسراج دراني خلاف جاچ مڪمل ڪري، چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ نيب کي آغا سراج دُراني خلاف جاچ چئن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته جاچ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ موجود شاهدين جي بنياد تي فيصلو ٻڌايو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني خلاف نيب جي جاچ واري معاملي تي اربع تي ٻڌڻي ٿي. آغا سراج دُراني هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواست ۾ اسدعا ڪئي آهي ته سندس گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏئي، جاچ ختم ڪري کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پُڇيو ته جاچ ڪٿي پهتي؟ جنهن تي هُن عدالت کي ٻڌايوته آغا سراج دُراني جو رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي، جاچ جاري آهي، جڏهن ته ابتدائي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ پُڇيو ته ريفرنس ڪيستائين داخل ڪندا؟ نيب جي جاچ آفيسر چيو ته 4 هفتن جي مهلت ڏني وڃي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته چئن هفتن ۾ جاچ مڪمل نه ڪئي وئي ته موجود شاهدن جي بنياد تي فيصلو ڏنو ويندو. عدالت پُڇيو ته آغا سراج دُراني جي کاتي ۾ ڪيتريون گاڏيون آيون آهن؟ نيب جي جاچ آفيسر چيو ته 25 گاڏيون غيرقانوني طريقي سان خريد ڪيون ويون. ان موقعي تي آغا سراج دُراني جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس موڪل جيل ۾ آهي سندس ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هتي صدين کان ماڻهو جيلن ۾ پيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو