بدين(ن سنڌيار)ڪڙيو گهنور لڳ دبي شاخ ۽ دادرڪو فارم ۾ پاڻي نہ اچڻ خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حاجي صالح نوتڪاڻي اسماعيل نوتڪاڻي محفوظ اسماعيل نوتڪاڻي جاکرو نوحاڻي اصغر نوتڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دارڪو فارم وٽ مين حيدرآباد گولاڙچي روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو آبادگارن جو چوڻ ھو ته سڄي سنڌ سميت ضلعي بدين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي دادرڪو شاخ دبي شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ خلاخ دبي شاخ جي آبادگارن طرفان ڌرڻو ھنيو ويو آھي 3 ڪلاڪ روڊ بند ھئڻ سبب گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ايس ڊي او ايريگيشن شمس ميمڻ ۽ ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور عبدالجبار ملڪ جي يقين ڏيارڻ کانپوء روڊ کوليو ويو










