ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ملزم دانيه جي وڪيل لياقت گبول ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته دانيه خلاف ڪي به ثبوت ناهن، ايف آءِ اي ناقص جاچ ڪئي آهي.عدالت دانيه جي وڪيل جي دليلن تي فيصلو محفوظ ڪندي جوابدار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي دانيه کي 2 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.ان کان اڳ سيشن عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.










