داسو ڊيم حملي ۾ مارجي ويل چينين لاءِ 2.5 ملين ڊالر معاوضي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت 26 مارچ 2024 تي دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين لاءِ 25 لک 80 هزار ڊالر معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي منظوري اي سي سي اجلاس ۾ ڏني ويندي.داسو ڊيم حملي ۾ 6 چيني مزدور مارجي ويا هئا، جنهن بعد حملي ۾ مارجي ويل پاڪستانين لاءِ 25 لک رپيا معاوضي جي سفارش ڪئي وئي هئي.ڪابينا ڊويزن جي هڪ سينئر آفيسر موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ ان پيڪيج جي منظوري ڏيندي.ان حملي ۾ مارجي ويل چيني مزدورن جو تعلق داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سان هو، جيڪو عالمي بئنڪ جي سهڪار سان تعمير ٿي رهيو آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان 4320 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي،ان منصوبي تي پهريون دهشتگرد حملو 14 جولاءِ 2021 تي ٿيو، جنهن ۾ 10 چيني مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال ٻئي حملي ۾ 6 چيني ۽ هڪ پاڪستاني مارجي ويو.اي سي سي کي 6 چيني متاثرن جي وارثن کي ڄاڻايل معاوضي جي سمري ملي وئي آهي.بين الصوبائي ڪميٽي (آءِ ايم سي) فوت ٿيل پاڪستاني مزدور لاءِ 25 لک رپيا معاوضي جي سفارش پڻ ڪئي آهي.IMC 9 مئي تي پاڻي وسيلن جي وزارت جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو