ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن شهرن دادو ۽ سکر ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ 2 ڄنا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. دادو مان ادل مهيسر موجب مورو روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل مينهن سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 36 سالا وزيران زال علي نواز ڪلهوڙو فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس سس مسمات سعيده ڪلهوڙو ۽ مڙس علي نواز ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، زخمين کي علاج بعد فارغ ڪيو ويو.حادثي جو شڪار عورت ۽ زخمي نوشهروفيروز کان واپس ڳوٺ پاٽ شريف وڃي رهيا هئا. *** سکر مان جيرام داس موجب روهڙي ڀرسان گُم ٿيل نوجوان جو لاش نارا ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي. پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ابيجاڻو پُل وٽ نارا ڪئنال مان لاش هٿ آيو آهي، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاش جي سڃاڻپ آنڀ واسي پرويز ميراڻي طور ٿي آهي. فوتي جي ڀاءُ شڪيل احمد ميراڻي جو چوڻ آهي ته پرويز 6 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گُم ٿي ويو هو، ڳولا باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو.










