دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)جنسي درندگي جو نشانو بڻيل معصوم ٽن سالن جي نينگري واري معاملي جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي 22 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪئي آهي. چيف جسٽس، ڊي سي دادو سميع الله ، ايس ايس پي دادو نثار احمد شيخ، ايم ايس لمس حيدرآباد کي 22 فيبروري سومر ڏينھن تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي. ياد رهي ته ٽن سالن جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي ابتدائي طبي رپورٽ م تصديق ٿي هئي، مک جوابدار گرفتار آهي ۽ نينگري حيدرآباد ۾ علاج هيٺ آهي.










