ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ميڊيڪل جي داخلائن لاء پي ايم سي پاران ورتل انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ جي اميدوارن سان وڏي ويساھ گھاتي جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ جي ڊوميسائل رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي رول نمبرن تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي، جيڪا ٺٽي جي شاگردن سان وڏي ويساھ گھاتي آھي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٺٽي جي مزاحيه مشھور اداڪار ذلفي شاھ عرف بصر بادشاھ جي ذھين نياڻي جي حق تي ڪي پي ڪي اميدوار جو ڌاڙو، بدانتظامي جي انتھا، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي جاري ڪيل نتيجن جي رزلٽ ۾ ٺٽي واسڻ شاگردياڻي مزمل ڪائنات جي رول نمبر تي ڪي پي ڪي جي اقصه گل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي، جڏھن ته ٺل واسي شاگرد برڪت علي جي رول نمبر تي پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ عذير احمد ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي، پي ايم سي جي نتيجن موجب سنڌ جا اميدوار صرف 33 سيڪڙو پاس، پنجاب جا 73 سيڪڙو پاس، ڪي پي ڪي جا 47 سيڪڙو ۽ گلگت جا 71 سيڪڙو پاس ظاھر ڪيا ويا آھن. سڀ کان گھٽ پرسنٽيج سنڌ واسين جي ظاھر ڪرڻ تي سخت خدشا پيدا ٿي پيا آھن. جن جو چوڻ آھي ته ڪيترن ئي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ناانصافي ٿي آھي. جنھن جو ازالو ٿيڻ گھرجي، پي ايم سي پريس رليز جاري ڪري غلطين جو به اعتراف ڪري ورتو آھي، متاثر سنڌي اميدوارن پاران سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ جي پڻ اپيل ڪئي ويئي آھي، ھوڏانھن ميڍيڪل جي داخلائن ۾ پي ايم سي جي انٽري ٽيسٽ جي نتيجن ۾ سنڌ جي اميدوارن سان ڪلور جا وڌيڪ انڪشاف پڻ سامھون آيا آھن. جنھن تحت وفاقي اداري پي ايم سي جي متضاد بڻيل انٽري ٽيسٽ خلاف سنڌ جي متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سڀاڻي آچر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج جو فيصلو ڪري ورتو آھي، ٺٽي جي يوسي ٽنڊو حافظ شاھ جِي شاگردياڻي مهتاب ڪي ڪي دَل جي رول نمبر 2903978 جي سامهون پنجاب واسي اميدوارن کي 141 مارڪون ڏيئي پاس قرار ڏنو ويو. متاثره شاگردياڻي مهتاب ڪي ڪي دَل جو رول نمبر وري 3200028 تي سندس نالو ظاهر ڪري کيس صرف 115 مارڪون ۽ پرسنٽيج 57 سيڪڙو ظاهر ڪيو ويو.اُن کان اڳ ٺٽي جي شاگردياڻي مُزمل ڪائنات جي سِيٽ نمبر تي ڪي پي ڪي جي اقصا گُل، ٺٽي جي ٻئي شاگرد علي شير بائل جي رول نمبر تي پنجاب واسي شاگردياڻي سعيده مهرين بخاري ۽ ٺُل واسي شاگرد برڪت علي جي رول نمبر تي پنجاب جي ڊوميسائيل رکندڙ عُذير احمد کي پاس قرار ڏنو ويو. سنڌ جي اميدوارن کي ميڍيڪل جي داخلائن ۾ هٿ وٺي غلط نتيجن ذريعي فيل قرار ڏيڻ ۽ سندن رول نمبرن جي جاء تي ٻين صوبن جي اميدوارن جا نالا ظاهر ڪري کين پاس ڪرڻ تي مقامي سنڌ واسي اميدوار سخت ذهني ڌٻاء جو شڪار ٿي ويا، آھن، جن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.










