ڪراچي (رپورٽ مرتضيٰ مهر )دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان 42 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي.اهي ملازم ڊيلي ويجز تي مقرر ڪيا ويا هئا ۽ اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي جي دور ۾ مقرر ڪيا ويا هئا، جيڪو 10 سالن تائين وائيس چانسلر جي عهدي تي رهيو.اڪثر ملازمن جو تعلق هيٺين گريڊن سان آهي پر جن کي برطرف ڪيو ويو آهي انهن ۾ 9 ريسرچ ايسوسيئيٽس به شامل آهن جن جي پگهار 45 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي.برطرف ڪيل ملازمن کي انتظاميا طرفان ريگيولر رجسٽرار جي آفيس مان برطرفي جو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 15 مارچ کانپوءِ انهن ملازمن جي ضرورت نه پوندي.انهن ملازمن کي برطرف ڪرڻ کان اڳ سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽري مريد رحمان کي نه رڳو آگاهه ڪيو ويو پر برطرف ڪيل ملازمن جي لسٽ پڻ موڪلي وئي.موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وائيس چانسلر جي دور ۾ ضرورت کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ڪيا ويا هئا، جنهن سبب يونيورسٽي مالي مسئلن جو شڪار هئي، کيس سفارش ۽ پرچي تي ڀرتي ڪيو ويو هو ، ڊيلي ويجز ملازمن کان پوءِ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي به بتدريج فارغ ڪيو ويندو پر طريقيڪار اهو هوندو ته جنهن ملازم جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيندو ان کي نئون ڪانٽريڪٽ نه ڏنو ويندو. هوڏانهن دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ 20 ۽ 19 گريڊ 8 ۽ 17 گريڊ جي هڪ هڪ نان ٽيچنگ پوسٽ تي مستقل مقرري لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو ويو آهي.انهن اهم پوسٽن ۾ ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن، لائبريرين، ڊائريڪٽر آف ڪوالٽي، ڊائريڪٽر آف آرٽس، ڊائريڪٽر آف اسپورٽس، ڊائريڪٽر آف اسٽوڊنٽ افيئر، ڊائريڪٽر آف پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز، ڊائريڪٽر آف هيومن ريسورس ۽ انٽرنل ايڊيٽر شامل آهن.وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي ويجهن ذريعن موجب اهي آساميون خالي پيل هيون ۽ انهن عهدن جي چارج استادن کي ڏني وئي هئي ۽ ان حوالي سان اهي وڏي تعداد ۾ الائونس وٺي رهيا هئا جنهن سان تدريسي معاملا به متاثر ٿي رهيا هئا.










