ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ملازمن جو احتجاج

ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ملازمن جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاهه (ن سنڌيار) خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو اڄ 103 ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري.چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن سميت ڪنهن به اعليٰ عملدار سار نه لڌي، ملازم سراپا احتجاج آهن ملازمن منير آرائين، سڪندر ڪنڀر، زاھد ڀٽي، فهيم لنڊ، غلام نبي لغاري ۽ عباس چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جي احتجاج کي 103 ڏينھن پورا ٿيا آھن پر افسوس آھي جو تڪ جو ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي ڪامورو اسان ڏي لڙي نه آيو آھي، اٺ سال اڳ اسان جون پگهارون بند ڪري بيگناهه نوڪرين مان ڪڍيو ويو، جنهن سبب اسان جي گهرن جا چلها وسامجي ويا آھن، اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون.هنن اهو به چيو ته اسان جي جڳهه تي ٻيا غيرقانوني ۽ من پسند ملازم ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪا سراسر ناجائزي آهي.هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مڪاني کاتي جي وزير کي اپيل ڪئي ته خدارا نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو