ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڏهرڪي ٽرين حادثي کان پوءِ هڪ ٻئي ٽرين پٽڙي تان لهي وئي. پشاور کان ڪراچي ويندڙ خيبر ميل جي بوگي گدو اسٽيشن جي ويجهو پٽڙي تان لهي وئي.سنڌو درياءَ جي پل ويجهو خيبر ميل جي اسپيڊ گهٽ ٿي ته بوگي پٽڙي تان لهي وئي، بوگي جي پٽڙي تان لهڻ کان پوءِ مسافر محفوظ رهيا ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين جي رفتار گهٽ ٿيڻ سبب نقصان ناهي ٿيو.ملت ايڪسپريس جون بوگيون لهڻ جي حادثي کان پوءِ ڊي ريل جو هي ٻيون واقعو آهي. پاڪستان ۾ ٽرين جا وڏا حادثا گهڻو ڪري سنڌ جي علائقن ۾ ٿيا. جن ۾ سوين حياتيون ضايع ٿيون آهن ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا آهن. ڏهرڪي ٽرين حادثو به پٽڙي جي ناقص ويلڊنگ سبب پيش آيو.ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪر جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 62 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽرينن ۾ 1269 مسافر سوار هئا. ملت ايڪسپريس ۾ 765 ۽ سرسيد ۾ 504 مسافر هئا.










