خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ خريداري مهم بند ٿيڻ جو خدشو

خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ خريداري مهم بند ٿيڻ جو خدشو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ 7 مئي کان جاري ڪڻڪ جي خريداري مهم بند ٿيڻ جو خدشو آهي.خوراڪ کاتي سڪيورٽي لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کي خط لکي ڇڏيو آهي،خوراڪ کاتي موجب ڪجهه ڊيلر ايس او پيز خلاف ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهن، مقرر ايس او پيز خلاف ڪنهن کان به ڪڻڪ خريد نه ٿي سگهي.خط جي متن موجب ڪڻڪ خريداري مهم دوران سڪيورٽي ڏني وڃي.خوراڪ کاتي جي درخواست تي گهرو کاتي سڪيورٽي لاءِ آءِ جي کي خط موڪلي ڇڏيو.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي جي محدود ڪڻڪ جي خريداري مهم جاري آهي، خوراڪ کاتي جي عملدارن کي گهربل سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.ذريعن موجب ڪجهه عنصر ڪڻڪ خريداري مهم روڪڻ چاهين ٿا، ڊي آءِ خان ۽ ايبٽ آباد ۾ گودامن تي مقامي ماڻهو ڪيترائي ڀيرا حملا ڪري چڪا آهن، سيڪيورٽي اهلڪار نه هجڻ سبب گودامن جي چيڪنگ به نه ڪري سگهيا آهن. ان حوالي سان سيڪريٽري خوراڪ ظريف الماني جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي جا مسئلا آهن، حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ظريف الماني چيو ته ڪڻڪ خريداري مهم شفافيت سان هلي رهي آهي، هو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ڪڻڪ خريداري مهم بند نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو