پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور سميت خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جو حملو شدت اختيار ڪري ويو آهي، سڄي صوبي ۾ 310 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.پشاور ۾ هڪ سئو 40، لوئر دير ۾ 46 ۽ مردان ۾ 49 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.ٻئي طرف ٻهراڙين سميت پنجاب جي وڏن شهرن ۾ ڊينگي جي پکڙجڻ جو سلسلو جاري آهي. لاهور ۾ 98، راولپنڊي ۾ 89 ۽ اسلام آباد ۾ 75 ماڻهو متاثر ٿيا آهن.گوجرانوالا، ملتان، سيالڪوٽ ۽ ڊي جي خان مان به ڊينگي جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 6 سئو 88 مريض علاج هيٺ آهن.










