اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.پڌرائي موجب خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي 3 تڪن تي ضمني چونڊ 30 اپريل تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 31 پشاور، اين اي 24 چارسده، اين اي 22 مردان لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويندا.










