خيبرپختونخواهه حڪومت ڪرڪ مندر ٻيهر ٺاهڻ جو اعلان

خيبرپختونخواهه حڪومت ڪرڪ مندر ٻيهر ٺاهڻ جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختوخواهه حڪومت ڪرڪ ۾ ٻيهر مندر جي اڏاوت جو اعلان ڪيو آهي.صوبي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته مندر جي ٻيهر اڏاوت جلد شروع ڪئي ويندي جنهن لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي چيو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، مستقبل ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه هوندي.محمود خان چيو ته اقليتن جي مقدس جاين جو تحفظ هرصورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.واقعو ڪرڪ جي ڏوراهين علائقي ٽيري ٽائون ۾ پيش آيو هو جتي هجوم هندو بزرگ جي سماڌي ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ۽ ان کي باهه ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو