میرپورماٿيلو (ظھير وسير) پشاور کان ڪراچي ويندڙ خيبر ميل ايڪسپريس جو ڪار کي ٽڪر، نتيجي ۾ ڪار ڪٽجي وڃي ڏهر واهه ۾ ڪري پئي، حادثي سبب ڏهرڪي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر حضوربخش لغاري ۽ سندس گهرواري فوت ٿي ويا، جن جا لاش واهه مان ڪڍيا ويا، سندن 6 سالن جو پٽ زخمي حالت ۾ مليو، جنهن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. فوتي زال مڙس جا مڙهه مقامي اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته زخمي نينگر کي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. خوفناڪ حادثي جو شڪار ڪٽنب ڏهرڪي کان پنهنجي ڳوٺ نظر محمد لغاري وڃي رهيو هو ته ٽرين حادثي جو شڪار ٿي ويو.










