پي ڊي ايم ۽ اسٽيبلشمنٽ منصافاڻيون چونڊون نه ٿيون چاهن:عمران خان

پي ڊي ايم ۽ اسٽيبلشمنٽ منصافاڻيون چونڊون نه ٿيون چاهن:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ ويب سائيٽ جي خبر کي ري ٽوئٽ ڪندي عمران خان لکيو ته ”پتن“ جي رپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي وئي ته شرمناڪ حد تائين جانبدار ۽ ڪنٽرولڊ اليڪشن ڪميشن وانگر هنن ٻن ڏوهاري مافيا خاندانن اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي استعمال جي مشينن جي مخالفت ڇو ڪئي؟اڳوڻي وزيراعظم لکيو ته پاڪستان ۾ دھاندلي جي 163 مان 130 طريقن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ لکيو ته مون کي ڊپ آهي ته پي ڊي ايم پارٽيون جيڪي سالن کان دھاندلي جي فن ۾ مهارت رکن ٿيون، اهي آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون نه ٿا چاهين ۽ نه ئي اسان جي اسٽيبلشمينٽ.

پهنجو تبصرو موڪليو