سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر حراست ۾ ورتل پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي سيشن جج جي عدالت ۾ طبيعت خراب هجڻ تي ويل چيئر تي ويهاري پيش ڪيو. عدالت خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب کي ٻيهر 9 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب سکر آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي احتساب عدالت جو جج امير علي مهيسر موڪل تي هجڻ ڪري اين آءِ سي وي ڊي جي ايمبولنس تي سيشن ڪورٽ آندو ويو جتي خورشيد شاهه کي ويل چيئر تي ويهاري ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان کان اڳ نيب جي وڪيل عدالت کي خورشيد شاهه جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي استدعا ڪئي ته خورشيد شاهه جي طبيعت خراب آهي اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل آهي سندس رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي جنهن تي جج ريماڪس ۾ چيو ته قانون ۾ اهو ڪٿي آهي ته جوابدار نيب جي حراست ۾ هجي ۽ ان کي بنا پيش ٿيڻ جي رمانڊ ڏنو وڃي جنهن بعد عدالت نيب کي خورشيد شاهه کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو عدالت خورشيد شاهه کي پيش ڪرڻ بعد سندس رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس احتساب عدالت ۾ 9 نومبر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










