خورشيد شاهه جي طبيعت خراب پولي ڪلينڪ ۾ داخل

خورشيد شاهه جي طبيعت خراب پولي ڪلينڪ ۾ داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي تحويل ۾ سيد خورشيد شاهه جي طبيعت بگڙي وئي جنهن بعد کيس اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب سندس دل جي دهڙڪڻ ۽ معدي جي تڪليف آهي، سندس ڪجهه ٽيسٽ ڪيا ويا آهن باقي ٽيسٽ ٿيڻا آهن. هن کي خاندان سميت ڪنهن سان به ملڻ جي اجازت ناهي، سندس ڪمري کي سب جيل قرار ڏنو ويو آحي. ان کان اڳ صبح جو احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو ٻن ڏينهن وارو راهداري رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو هو. پروگرام موجب کيس جمع تي سکر وٺي اچڻو هو. نيب جي ٽيم آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ هڪ هفتي جي راهداري رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جج چيو ته ڇا سکر پهچڻ ۾ هفتو لڳندو؟ جج خورشيد شاهه کان پڇو گهڻو وقت لڳندو ته هن چيو جهاز ۾ 2 ڪلاڪن ۾ پهچي وڃبو.  نيب جي پراسيڪيوٽر سهيل عارف چيو ته سکر جي صرف هڪ فلائيٽ آهي اها به صبح جو ويندي آهي. عدالت ٻن ڏينهن ج راهداري رمانڊ منظور ڪيو. جنهن بعد نيب وارا خورشيد شاهه کي پاڻ سان وٺي ويا. ياد رهي ته نيب وارن اربع تي خورشيد شاهه کي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو