خوراڪ کاتي جي ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪبا، ڪشوري لال

خوراڪ کاتي جي ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪبا، ڪشوري لال

سڪرنڊ (راجڪمار اوڏ) صوبائي وزير خوارڪ هري رام ڪشوري لال چيو آهي ته  خوارڪ کاتو صوبي جو اهم ادارو آھي هن جا ملازم اسان جو اثاثو آهن سندن جائز مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هو آل سنڌ فوڊ ايمپلايز  ايسوسيشين سنڌ جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته خوراڪ کاتي کي شفاف بنائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون جنهن سان نه.صرف اداري جي ساک بحال ٿيندي بلڪه ملازمن ۾ پڻ اعتماد بحال ٿيندو .هن يونين اڳواڻن کان سندن مسئلا دلڇسپيءَ سان ٻڌا ملازمن صوبائي وزير کي ٻڏايو ته فوڊ ايمپلايز  جي سينارٽي ، ڊي پي سي ۽ ٽائيم اسڪيل تي عمل نٿو ٿئي هنن فوڊ جي سرڪاري گدامن ۾ رکيل ڪڻڪ  جي حوالي سان پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي جنهن تي وزير خوراڪ ايسوسيشين جي وفد کي خاطري ڪرائي ته ھڪ ھفتي اندر سيڪريٽري فوڊ لائق احمد ۽ مان پاڻ ڪوشش وٺي فوڊ ملازمن توڙي کاتي جا مسئلا حل ڪرائيندسين ڪنهن به گدام انچارج سان ناجائزي ٿيڻ نه ڏينداسين جنهن تي يونين اڳواڻن سندس بهترين موٽ تي شڪريو ادا ڪيو ملاقاتي وفد ۾ حاجي موچارو خان مڱريو ، مير محمد علي مگسي , سيد ذوالفقار علي شاھ , آصف علي شيخ ۽ ظھير عباس شر شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو