اسلام آباد(بيورورپورٽ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا آصف خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري ڪيس ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ تي ٻيو ڀيرو ڏنڊ وڌو ويو.اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عدنان خان جي عدالت ۾ خواجا آصف خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عمران خان جي وڪيل طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ۾ چيو ويو ته اهم وڪيل پرڏيهه ۾ آهي، عمران خان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهي ٿو.ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي عمران خان جي وڪيلن جي درخواست کي 5 هزار رپيا ڏنڊ سميت منظور ڪيو ويو.










