ليکڪ: محمد حسين
آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ اهڙي علائقي ۾ اهم پاڻيءَ جي ڍانچي جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ وارن علائقن مان هڪ آهي۔
ڪجهه هفتا اڳ ايران جي پرڏيهي وزير آمريڪا تي الزام هنيو ته هن قشم ٻيٽ تي هڪ ڊي سيلي نيشن (سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪرڻ واري) پلانٽ تي حملو ڪيو، جيڪو هرمز لنگهه جي ويجهو آهي۔ رپورٽن موجب ان حملي سبب 30 ڳوٺن جي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي وئي۔ رڳو 24 ڪلاڪن کان پوءِ، بحرين چيو ته هڪ ايراني ڊرون محرق ويجهو ان جي هڪ ڊي سيلي نيشن پلانٽ کي نقصان پهچايو آهي۔
خليجي ملڪن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ
6 خليجي ملڪ، بحرين، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهن۔ انهن جي گڏيل آبادي 62 ملين کان وڌيڪ آهي ۽ اهي گهڻو ڪري پاڻيءَ جي ضرورتن لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪرڻ (desalination) تي ڀاڙين ٿا۔
خليج جا ملڪ ريگستاني آهن ۽ انهن وٽ ڪو به مستقل درياهه ناهي۔ جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن “واديون” هونديون آهن، جيڪي رڳو برسات دوران پاڻي وهائين ٿيون۔
اهي ملڪ پنهنجي تيزي سان وڌندڙ شهرن، صنعتي علائقن ۽ زرعي زمينن لاءِ بنيادي طور جر جو پاڻي ۽ ڊي سيلي نيشن تي ڀاڙين ٿا۔
ڊي سيلي نيشن مان 7.2 ٽريلين ليٽر پاڻي حاصل ٿئي ٿو
خليجي ملڪ دنيا جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ڊي سيلي نيٽڊ (مٺو ڪيل) پاڻي پيدا ڪن ٿا ۽ انهن جي سامونڊي ڪنارن تي 400 کان وڌيڪ پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن۔
گڏيل قومن مطابق، پاڻيءَ جي شديد کوٽ جي حد 500 مڪعب ميٽر في ماڻهو في سال آهي، جڏهن ته خليجي ملڪن وٽ قدرتي مٺو پاڻي رڳو سراسري طور 120 مڪعب ميٽر في ماڻهو في سال آهي، جنهن ڪري اهي وڏي حد تائين ڊي سيلي نيشن تي ڀاڙين ٿا۔
2023ع جي رپورٽ مطابق، انهن ڇهن ملڪن گڏجي 7.2 ارب مڪعب ميٽر (يعني لڳ ڀڳ 7.2 ٽريلين ليٽر) پاڻي ڊي سيلي نيشن ذريعي پيدا ڪيو، جيڪو في ماڻهو تقريباً 122 مڪعب ميٽر ساليانو يا روزانو لڳ ڀڳ 334 ليٽر ٿئي ٿو۔
انهن ملڪن جي مجموعي صلاحيت ان کان به وڌيڪ، لڳ ڀڳ 26.4 ارب مڪعب ميٽر ساليانو آهي۔
ملڪ وار پيداوار: سعودي عرب: 3 ارب مڪعب ميٽر، متحده عرب امارات: 1.9 ارب، ڪويت: 0.8 ارب، قطر: 0.7 ارب، عمان: 0.5 ارب ۽ بحرين: 0.3 ارب مڪعب ميٽر آهي.
پاڻيءَ لاءِ ڊي سيلي نيشن تي انحصار
محدود برسات، مستقل درياهن جي کوٽ ۽ زميني يعني جر جي پاڻيءَ جي گهٽتائي سبب قدرتي پاڻي ڪافي ناهي، تنهنڪري ڊي سيلي نيشن لازمي بڻجي وئي آهي۔

ڊي سيلي نيشن پلانٽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟
ڊي سيلي نيشن اهو عمل آهي جنهن ۾ سمنڊ جي پاڻي مان لوڻ ۽ معدنيات ڪڍي ان کي پيئڻ ۽ زرعي استعمال لاءِ موزون بڻايو وڃي ٿو۔
1. حرارتي تقطير (Thermal Distillation)
• پاڻي کي گرم ڪري ٻاڦ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي
• لوڻ ۽ معدنيات پٺتي رهجي ويندا آهن
• ٻاڦ کي ٿڌو ڪري صاف پاڻي ٺاهيو ويندو آهي
2. ريورس اوسموسس (Reverse Osmosis)
تيز دٻاءَ سان پاڻي کي خاص جھلي (membrane) مان گذاريو ويندو آهي
جھلي لوڻ کي روڪي ٿي ۽ صاف پاڻي اڳتي وڃي ٿو
هي طريقو وڌيڪ مشهور آهي ڇاڪاڻتہ: سستو آهي ۽ گهٽ توانائي استعمال ڪري ٿو. سمنڊ ۾ گرم پاڻي ڇڏڻ سبب ماحولياتي نقصان گهٽ ٿئي ٿو.
هي سڄو نظام ڏيکاري ٿو ته خليجي علائقو پاڻيءَ لاءِ ڪيترو حساس آهي، ۽ ڪنهن به تڪرار يا جنگ سان پاڻيءَ جي فراهمي تي وڏو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو۔ (هي مضمون الجزيره انگريزي ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيس ڪريون ٿا… ادارو)










