خطي جي خوشحالي لاءِ افغانستان ۾ امن ضروري آهي، خان

تاشقند(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن عمل جي بحالي خطي جي سمورن ملڪ لاءِ اهم آهي، پاڪ، افغان-ازبڪستان ريلوي منصوبي سان خطي ۾ انقلاب ايندو. پا ازبڪ بزنس فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوامي رابطن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي.

پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پهتلاسين تاشقند آيا آهيون. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان ٻن ڏينهن جي دوري تي پھتل آھي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاهدن تي صحيحون ٿينديون، وزير اعظم سڀاڻي افغان صدر سان به ملاقات ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته دهلي جو رستو وايا سرينگر آهي، يعني ڪشمير بابت هو کنيل قدم واپس وٺي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. فواد چوڌري چيو ته هي دورو خطي جي معاشي ۽ سيڪورٽي جي صورتحال لاءِ اهم آهي. وزيراعظم جو تاشقند پهچڻ تي سندس هم منصب استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو