خضدار ۾ مسافر ڪوچ اونڌي 23 فوت ڪيترائي زخمي

دادو(ن سنڌيار) خضدار ۾ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دادو واسي 23 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. خضدار اسپتال جي ايم ايس اسماعيل بجوئي 23 فوتين جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته جمعي تي فجر مهل واقعو پيش آيو. مسافر ڪوچ وڊهه کان دادو وڃي رهي هئي ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ايم 8 تي کوڙي واري هنڌ حادثو پيش آيو.حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ ليويز اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع  ڪري ڏنيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي. ته دادو جا زائرين 3 ڏينهن اڳ بلوچستان جي درگاهه پير عبدالقادر نقشبندي جي عرس مبارڪ تي ويا هئا. زائرين واپس دادو اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. حادثي ۾ دادو شهر جي سومرا ڪالوني، مرکپور، جوهي جي ڇندڻ موري، ڇنڊڻ ڀرسان گاڏهي ڳوٺ جا رهواسي شامل آهن. خضدار حادثي ۾ جوهي واسي پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.ڳوٺ خان محمد گاڏهي واسي پنج ڄڻن ۾ حافظ اسد گاڏهي، هاشم گاڏهي، پريل گاڏهي، آصف علي گاڏهي ۽ نظام گاڏهي فوت ٿي ويا آهن. حادثي جي زخمين ۽ لاشن کي ٽيچنگ اسپتال خصدار منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي.حادثي ۾ زخمي ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو