خصوصي معاونن بابت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن کي هٽائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.  چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام جي چونڊيل وزيراعظم تي وڏيون ذميواريون هونديون آهن، وزيراعظم پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ ڪنهن کان مدد وٺي ته اُن ۾ ڪهڙو عيب آهي؟ جيڪڏهن وزيراعظم کي خصوصي معاون رکڻ جو به اختيار نه ڏيون ته نظام ڪيئن هلندو؟ آئيني معاملا عدالت ۾ کڻي اچڻ سٺو عمل آهي، هن وقت ٻيا به کوڙ سارا اهم معاملا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو