خدا آباد ۾ مفت اکين جي ڪيمپ،200 آپريشن

خدا آباد ۾ مفت اکين جي ڪيمپ،200 آپريشن

دادو(عزيزالله خاصخيلي) سيلاني انٽر نيشنل ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي، خدآباد رورل سپورٽ آرگنائيزيشن ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن خداآباد شاخ دادو جي سهڪار سان تاريخي ڳوٺ خداآباد ۾ سنڌ جي نامياري سماجي ڪارڪن مرحوم نظير احمد ڀنڊ جي ياد ۾ ھڪ ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. جنهن جو افتتاح ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين محمد اشرف سولنگي ڪيو، ڪئمپ ۾ دادو، ڀان، خداآباد سميت آس پاس جي ڳوٺن مان عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن 200 کان ڌيڪ عورتن ۽ مردن جي اکين جو آپريشن ڪيو ۽ انهن کي علاج سان گڏ مفت ۾ دوائون، ۽ لينسز پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين محمد اشرف سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي جو تاريخي شھر خداآباد ۽ ڀرپاسي ڳوٺن جي غريب ماڻهن کي هي فلاحي ادارا فائدو ڏئي رهيا آھن، ڪئمپ ۾ سگا جي مرڪزي سيڪريٽري رفيق احمد سرهيو، ميمبر ضلع ڪائونسل دادو شهزاد ڀنڊ، چيئرمين يوسي خداآباد محمد عمر خشڪ، مقبول احمد سولنگي، سيد بخشل شاھ ، محمد ابراھيم ڀنڊ، نبي بخش مڱڻيجو، خالد جميل ڀنڊ، محمد اشرف لغاري، غلام مصطفيٰ چانڊيو، پير بخش جلباڻي، اعجاز علي ڀٽي، ابرار احمد آرائين، ڊاڪٽر فھد ڀنڊ، ڌڻي بخش وگھيو، منظور علي خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن سماجي ڪارڪن مرحوم نظير احمد ڀنڊ جي سماجي زندگي تي پڻ روشني وڌي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو