خدا آباد مائنر شاخ کي 2 گهارا، گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ

خدا آباد مائنر شاخ کي 2 گهارا، گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ

دادو (ادل مهيسر) خدا آباد مائنر شاخ کي 2 گهارا پئجي ويا، 12گهرن کان مٿي گهرن ۾ پاڻي داخل فصل پاڻي هيٺ. شاخ کي ڳوٺ پارو جو کوهه وٽ 60 فوٽ ۽ ڳوٺ اسحاق مڱڻيجو وٽ 12 فوٽ جو گهارو پيو آهي. گهاري لڳڻ ڪري بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن. متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيو ته بندن جي مرمت نه هئڻ ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو

آهي. اطلاع ڪرڻ باوجود ايريگيشن انتظاميه ننڍ ستل آهي. رابطو ڪرڻ تي ايڪسيئن خوشي محمد شيخ ٻڌايو ته گهاري پوڻ واري جڳهه لاءِ مشينري ۽ ڊمپر روانو ڪيو آهي 2 ڪلاڪن اندر گهارو بند ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو