اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته کير تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويا.اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار کير تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته کير تي 9 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ درست ناهي، ملڪ جو 90 سيڪڙو کير وڏي پئماني تي وڪرو ٿيندو آهي.هن چيو ته رڳو اها تجويز هئي ته کنڊ جي کير تي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته کير تي ڪو به سيلز ٽيڪس ناهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مالي سال 24-2023 لاءِ 14 هزار 460 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي هئي.










