اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ٽن اڳوڻن وزيراعظمن وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه جي عملدارن کي خبردار ڪيو آهي ته هو ڪنهن به سياسي عمل ۾ شامل نه ٿين. ٽنهي اڳوڻن وزيراعظمن سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ جي آئيني عمل ۾ پوليس ۽ انتظاميه جو شامل ٿيڻ غير آئيني هوندو. بيان ۾ هنن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سنڌ هائوس تي پوليس ڇاپو هنيو ته نتيجي جا ذميوار عمران خان ۽ گهرو وزير هوندا. هن اهو به چيو ته جن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ مدد ڪئي انهن کي سزا لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم چتاءُ ڏنو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن خلاف پوليس ڪارروائي پارليامينٽ تي حملو تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان 172 ميمبرن کي اسيمبلي ۾ نه آڻي سگهيو، پوليس ۽ انتظاميه کيس اغوا ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي حملا ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.










