لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو يقين ڏياريو آهي.فرخ حبيب سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو مختصر حلف نامو لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اشتياق اي خان حوالي ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ضابطه فوجداري جي سيڪشن 76 تحت مختصر ضمانت ڏني وئي، جنهن کانپوءِ پوليس وٽ ڪارروائي جو ڪو جواز نه رهيو.فرخ حبيب چيو ته امپورٽ حڪومت خونريزي کان پاسو ڪري، اسان پرامن آهيون، تڪرار نٿا چاهيون.










